آدم علي يوسف علي علوي

آدم علي يوسف علي علوي: ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر آدم علي، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد يوسف علي مشهور تعليمدان ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي باني ميمبرن مان هو. آدم علي مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام مان پاس ڪئي. هي سنڌ مدرسي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان به رهيو. پنهنجي والد وانگر هي به سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر، مدرسي جي راندين واري ڪميٽيءَ جو صدر ۽ اعزازي خزانچي رهيو. اسڪول ٽيم کانسواءِ آدم علي علوي، بوهره ڪرڪيٽ ڪلب طرفان به کيڏيو هو. ڪراچيءَ ۾ پهريون ڪرڪيٽ ڪلب ’اورينٽل ڪرڪيٽ ڪلب‘ 1847ع ۾ پارسين قائم ڪيو هو. انهيءَ ڪلب جي ٽيم جيڪا پارسين تي ٻڌل هئي، تنهن 1886ع ۾ انگلنڊ جو دورو ڪيو هو. 1902ع ۾ ڪراچيءَ ۾ عيسائين ۽ پارسين جي ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو رواج پيو. 1904ع ۾’ڪراچي ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن‘ جو قيام عمل ۾ آيو. ان وقت ڪرڪيٽ ۾ پارسي ۽ يورپي ڇانيل هئا. هندو ۽ مسلمان پري هئا. مسلمانن کي ڪرڪيٽ ڏانهن راغب ڪرڻ جو سهرو به آدم عليءَ يوسف علي علويءَ تي آهي. 1916ع ۾ سندس ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾’ينگ ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن‘ جو بنياد پيو. ان ائسوسيئيشن جو صدر هي پاڻ هو ۽ پهريون ڀيرو انهيءَ پليٽفارم تان مقامي سطح تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرايائين. جنهن ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني مذهبن جي ٽيمن حصو ورتو. ائين آدم عليءَ جي ڪوششن سان مقامي سطح تي ڪرڪيٽ کي مقبوليت ملي. پهرين مهاڀاري لڙائي جي متاثرن جي امداد لاءِ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد جنگ جي متاثرن جي مدد لاءِ چندو گڏ ڪرڻ هو. هن جو سمورو انتظام آدم علي علويءَ ۽ سيٺ غلام علي چاڳلا ڪيو. ان ۾ يورپي ٽيمن به حصو ورتو. 1919ع ۾ انهيءَ ٽورنامينٽ کي ’سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ‘ جو نالو ڏنو ويو. 1919ع، 1920ع ۽ 1921ع ۾ اهي ٽورنامينٽنس باقاعدي ڪراچي جيمخاني جي ميدان ۾ کيڏيون ويون، جنهن ۾ چئن ٽيمن حصو ورتو. (1) ريسٽ (جنهن ۾ انگريز، اينگلو انڊين ۽ گوائن عيسائي شامل هئا) (2) پارسي (3) هندو (4) مسلمان. انهن ٽورنامينٽن جو انتظام آدم علي يوسف عليءَ علوي جي حوالي هو. هو ٽورنامينٽ ڪاميٽيءَ جو صدر پڻ هو. 1929ع ۾ سنڌ ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن پاران ڪراچيءَ جي چونڊ ڪرڪيٽ رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جوڙي وئي هئي، جنهن جي سليڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن به آدم علي علوي هو. ان ٽيم ’آل انڊيا روشن آرا ٽورنامينٽ‘ ۾ حصو ورتو. ان ٽورنامينٽ ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور ڪرڪيٽ ٽيمن حصو ورتو هو. نه صرف ڪرڪيٽ پر هاڪيءَ جي حوالي سان به هن جون محنتون ۽ ڪوششون ڳڻپ جوڳيون آهن. ورهاڱي کان اڳ هن جي ڪوششن سان سندس والد جي نالي تي ’يوسف علي علوي هاڪي ٽورنامينٽ‘ مشهور ٿي، جنهن جو انتظام مڪمل طور هن جي حوالي هو. هي ’سنڌ هاڪي ائسوسيئيشن‘ جو به ڪيترا سال نائب صدر رهيو. هي سنڌ مدرسه بورڊ جو ميمبر ۽ اعزازي خزانچي به رهيو. ان کانسواءِ ڪراچيءَ جي مختلف سماجي تنظيمن جو ميمبر ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي راندين واري ڪاميٽي جو به ڪيترائي سال ميمبر رهيو. ورهاڱي کان اڳ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو